اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ جمعته الوداع جي موقعي تي مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آه??، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بي ??ناهه فلسطيني نمازي زخمي ٿيا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گذريل ٻن هفتن جي دوران مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 300 فلسطيني زخمي ٿي ??ڪا آهن جيڪي قابل مذمت آه??، ترجمان چيو ته فسلطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جو انڌا ڌنڌ استعمال ??موري انساني اصول?? ۽ ??نساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي آه??، فلسطينين تي اهڙا حملا اسلامي مقدس ماڳن کي پائمال ڪن ٿا، هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اسرائيلي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي خطي ۾ تشدد، ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا آه?? ۽ پوري مسلمان دنيا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آه??، ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪي سدائين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ مقرر اصول رهيو آه??، ترجمان پاڪستان جو اهو مطالبو ورجايو ته اسان 1967 کان پهرين جي سرحدن سان هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو، اهو مسئلو فلسطين جو واحد، جامع ۽ پائيدار حل آه?? جنهن جو اظهار گڏيل قوم?? ۽ ??و آءِ سي جي ڪيترن ئي قراردادن ۾ به ڪيو ويو آه??.