اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ سينيٽ ۾ رٿ جمع ڪرائي آهي ته وزيراعظم جي طرفان يورپي ملڪن جي خلاف سخت بيان ڏيڻ جي معاملي کي ايوان ۾ بحث هيٺ آن??و وڃي. وفاقي وز??ر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پاران ايوان ۾ جمع ڪرايل ريڪوزيشن به شيئر ڪئي آهي، وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو انهن پارٽين جي سو?? ۽ حيثيت ڪهڙي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ايترا ننڍڙا ماڻهو پاڪستان ۾ وڏا ليڊر بڻيل آهن جو ڏک ٿيندو آهي.