اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چ??ئر??ين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چ??ئر??ين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چ??ئر??ين چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سينيٽ چ??ئر??ين سان سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سينيٽ چ??ئر??ين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.