اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جي دعوائن جو پول کولي ڇڏيو آهي، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو جواب ڏين. اڪبر ايس بابر جي درخواست ۽ گڏ لڳل سڀئي دعوائُون ڪوڙيُون ثابت ٿيُون آهن، ڪو ثبوت موجود نه هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پي??لز??ارٽي جي فنڊنگ جي حوالي سان ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اڄ اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جمع ٿي آهي، پيروائيز جواب اليڪشن ڪميشن جي سا??هو?? رکي ره??ا آهيون، انهي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جيڪو چار سال آئيني فورم جي سا??هو?? اچي اهو چوندو ره??و ته فارن فنڊنگ ورتي آهي، مون وٽ ثبوت موجود آهن، اها درخواست خارج ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ان درخواست ۾ درخواست ڪئي وئي آهي اڪبر ايس بابر کي ان ڪيس کان ڌار ڪيو وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن ان ڪيس کي ٻڌندي ره??، مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر اسڪروٽني ڪميٽي کي مطئمن ناهي ڪري سگهيو ان کي ڌار ڪيو وڃي، پي??لز??ارٽي ۽ ن ليگ جو فارن فنڊنگ ڪيس هلي ره??و آهي، ن ليگ ۽ پي??لز??ارٽي ڳجهن اڪائونٽس جا تفصيل نه ڏئي سگهيون، ڪروڙين روپين جا ڪي به ثبوت نه آهن، پاپڙ وارا، فالودي وارا ۽ مئل ماڻهن جي اڪائونٽس مان پئسا نڪري ره??ا آهن، اسڪروٽني ڪميٽي ميمبرن جي رٽائرڊ ٿيڻ سان غير فعال ٿي چڪي آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو جواب ڏين، پي ٽي آءِ پنهنجا سمورا ثبوت پيش ڪيا، باقي به اڳتي وڌن. ڪڏهن عدالتن تي حملا، ڪڏهن جسٽس قيوم جهڙن ماڻهن کان مرضي جا فيصلا ٻڌائيندا آهن، راڻا ثناءُ الله جي ججز کي تازي ڌمڪي سڀني جي سا??هو?? آهي، اهو عدليه تي حملو آهي، اعليٰ قيادت جو نوٽيس نه وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته انهن جي پارٽي پاليسي آهي، انهن ڀڀڪين سان ڪجهه ناهي ٿيڻ وارو. مسرور انور ڪير آهي، فرخ حبيب چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته رانا ثناءُ جي عدليه ڌمڪين تي ن ليگ معافي گهري، پهريون ڀيرو طاقتور جو احتساب ٿي ره??و آهي اسان احتساب جي عمل سان گڏ آهيون.