سکر – 25 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪاروب??ري طبقي ۽ چيمبر جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ڏيکاري، ان حوالي سان حڪومت جي پاليسين جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي، اسان کي دنيا سان گڏ ترقي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ واپ??ري اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سکر چيمبر آف ڪامرس جي صدر عامر علي خان غوري بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪاروب??ري ماڻه?? ۽ ??يمبرز جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ڏيک??ري آهي، ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ حڪومت جي پاليسين جو اعتراف ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته پاڪستان زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، پوري دنيا ۾ مهانگائي تيزي سان وڌي آهي ۽ ان جا اثر هر جڳهه تي ظاهر ٿيا آهن. هن چيو ته چيمبر آف ڪامرس، ڪاروب??ري ماڻهو ۽ سيڙپڪارن جو ملڪي معيشت ۾ ڪردار گهڻو اهم آهي. حڪومت واپ??ري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر نوجوانن کي چيمبرز ?? مختلف يونيورسٽين جي مدد سان ووڪيشنل ٽريننگ فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت پاران ڪامياب جوان پروگرام ۽ قرضن جي فراهمي سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر وفد کي سکر ايئرپورٽ کان انٽرنيشنل فلائيٽس، ڊرائي پورٽ ۽ انڊسٽريل زون جي حوالي سان سفارشون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سکر ريجن جي ترقي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين، حيدر آباد سکر موٽر وي سان عوام کي سفري سهولت ملندي ۽ ڪاروب??ري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ آءِ ٽي، ڊجيٽل اسڪلز پروگرام سان لکين نوجوان روزگار ڪمائي رهيا آهن، اسان کي دنيا سان گڏ ترقي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃڻو پوندو. اجلاس ۾ ڪاروب??ري ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.