اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄاڻي واڻي منصوبابندي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان ??ان ??رار ٿيڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف مفرور س??مان شهباز کي پاڪستان ??اپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل دولت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور س??مان شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انهن ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان ??ڌيڪ جي ناجائز دولت ۽ ڪ??پشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.