اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ اسان ڪولووڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪرغستان سان پنهنجي ڀائراڻي ل??ڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مذهب، ٻڌ?? ۽ ثقافت جي ل??زوال رشتن ۾ ٻڌ?? آهن، اسان ڪرغستان سان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي ل??ڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ رابطن جو فروغ ٻه طرفي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خطي جي ملڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ اڻٽر آهي، پاڪستا?? خطي جي ملڪن ۾ ويجهي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان سان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻاهر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ملڪ جا پاڪستان سان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪرغستان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ل??ڳاپن کي قدر ج?? نگاهه سان ڏسي ٿو، پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.