اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دل ۽ جان سان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت ان جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ قومي روزاني ۾ لکيل پنهنجي ??ڪ آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو ته هن سال 5 آگسٽ تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي ٻه سال ٿي ويا آهن. اهي ٻه سال ان تلخ ڳالهه جي ??اد ڏيارين ٿا ته هن جديد دور ۾ به اسان جا ڪشميري ڀينر ڀائر هڪ سفاڪ فوجي ??بضي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته بهادر ڪشميرين جي آزادي جو جذبو جنهن جو بنياد انهن جي ابن ڏاڏن ڊوگرا راڄ جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ ۾ وڌو، اڃا به تازو آهي. ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ گذريل 7 ڏهاڪن کان جدوجهد ڪري رهيا اهن ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت انهن جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. هن لکيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام دل ۽ جان سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسان سدائين کان ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??رامن حل ج?? لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ آزادي کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ سدائين کان پرعزم آهي ۽ رهندو. حڪومت ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ج?? لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪشمير تڪرار قومي سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ آيو. عالمي سربراهن ۽ عالمي صحافين پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جي خلاف آواز بلند ڪيو ويو. آرٽيڪل ۾ اهو به لکيو ته وزيراعظم، سندس ڪابينا ۽ اسان جي ??ارليامينٽ ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڀارتي وحشياڻي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي آهي. زميني صورتحال ۽ قابض ڀارتي فوج جي ??ڪطرفي غيرقانوني قدم مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪشميرين جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو منصوبو زور ش??ر سان جاري آهي. جبري طور تي آ??اد??اتي تناسب تبديل ڪرڻ ج?? لاءِ صدي پراڻي شهريت جي ??انون کي تبديل ڪرڻ انهي منصوبي جي ??ڪ ڪڙيءَ آهي. دنيا ۾ اهڙن قدمن سان مقامي آ??اد?? ۽ قابضن جي ??چ ۾ تلخين ۾ سدائين اضافو ٿيو آهي. ڪشميري مسلمان پنهنجي ??ابضين جي ان آ??اد??اتي منصوبي کان چڱي ريت واقف آهن. ڀارت ان حڪمت عملي کي پهريون ڀيرو هند جي ??رڇ جي ??رحلي ۾ استعمال ڪيو. نومبر 1947ع ۾ مهاراجا جي سرپرستي هيٺ ڊوگرا ٽيم فوجي دستن ۽ آر ايس ايس جي بلوائين اٽڪل 3 لک ڪشميري مسلمانن جو وحشياڻو قتل ڪيو. اها خونريز نسل ڪشي ڄمون جي اٽڪل 10 لک ڪشميرين جي جبري لڏپلاڻ جو سبب بڻي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قتلام حڪومتي سرپرستي ۾ ڄمون، جتي مسلمان ڪل آ??اد?? جو 60 سيڪڙو ۽ واضح اڪثريت هئي، جي آ??اد??اتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو هو. ان نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ سان ڄمون ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو مصنوعي آ??اد??اتي تناسب اڄ تائين قائم آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ئي هڪ خطري جا ??اد?? ڪشميرين تي ڇائنجي رهيا آهن. آ??اد??اتي ڍانچي ۾ تبديلي کانسواءِ ڀارتي حڪومت گذريل 131 سالن کان علائقي جي سرڪاري زبان اردو جو استعمال گهٽ ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو آهي. عوامي جاين جا مسلمان نالا به تبديل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته جبري حدبندي جي ذريعي مسلمانن جي ??مائندگي کي مصنوعي طور تي گهٽ ڪرڻ جا قدم ڪشميرين جي ??نفرد سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي ??ڪ ٻي سازش آهي. اهي قدم ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي ??ڪطرفي ۽ غيرقانوني منسوخي سان ئي ممڪن ٿيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي آئين جي ڪنهن به آرٽيڪل لاڳو ڪرڻ کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو، پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي ??نسوخي جي ??تيجي ۾ زميني صورتحال ۾ گهري تبديلي آئي آهي. اها ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ ج?? لاءِ ڀارت ظالماڻن قدمن ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر ڪشميري تي هڪ ڀارتي فوجي ??ڙهيل آهي. اڄ هزارين سياسي اڳواڻ، استاد، ڪارڪن، صحافي ۽ شاگرد ڪارن قانونن ۽ ڪوڙن الزامن تحت جيلن ۾ قيد آهن. انهن سان غيرانساني ۽ اڻوڻندڙ سلوڪ جي ڪري انهن جي جان کي خطرو آهي. صدر لکيو ته بي جي ??ي حڪومت اهو ثابت ڪيو آهي ته هندوتوا نظريي سان ڪشمير جي سياسي تشخص، تاريخي ورثي، علائقائي امن ۽ عالمي قدرن کي خطرا آهن. بي جي ??ي جي اثر هيٺ ڀارت طاقت جي استعمال ۽ فوجي ??هم جوئي جي ذريعي خطي ۾ بالادستي ۽ زميني حقيقتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت سوز ڪاررواين تان ڌيان هٽائڻ ج?? لاءِ ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آهي. ڀارت جي ??اڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم ۽ دهشتگردي جي ??ٺڀرائي تي پاڪستاني رپورٽ مان واضح آهي ته ڀارت اسان جي ??لڪ ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. تازو ئي يورپي يونين جي عالمي شهريت يافته ڊس انفو ليب جعلي غيرسرڪاري تنظيمن ۽ جعلي ويب سائيٽس جي ذريعي گڏيل قومن ۽ يورپي پارليامينٽ کي گمراهه ڪرڻ ج?? لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي چال جو پڙدو فاش ڪيو. اهڙي طرح هڪ عالمي ڀارتي عهديدار به ايف اي ٽي ايف جي ??يڪنيڪي فورم کي سياست زده ڪرڻ ۽ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ ج?? لاءِ ڀارتي اثررسوخ استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ خطي ج?? لاءِ اهم سوال پيدا ٿين ٿا. اڄ اسان پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آهيون ته ڇا موجوده ڀارتي حڪومت هڪ ذميوار اڪائي آهي يا پوءِ هڪ شدت پسند هندوتوا راڄ، جنهن تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي؟ ڀارتي فوجي تسلط جي خلاف ڪشمير جي ??قامي آزادي جي جدوجهد کي سدائين کان عوامي حمايت حاصل رهي. پنهنجي تازين ڪاررواين جي ڪري پرتشدد هندوستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي رهيل سهيل حمايت به وڃائي چڪو آهي. ظلم ۽ رياستي ڏاڍ جي ??قابلي ۾ ڪشميرين سدائين بهادري، اڻٿڪ عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. ڪشميري سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تحت تسليم ٿيل سياسي حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي تسلط جي خلاف منهن ڏيندا رهندا. پاڪستان ڪشميرين جي خراب حالت تي عالمي ضمير کي جنجهوڙندو رهندو. آئون عالمي دنيا کي اپيل سان گڏوگڏ انهن کي ان ڳالهه جي ??اد ڏياريندو هلان ته اها ڪشميري عوام ۽ انسانيت جي ??درن تحت ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيڻ جي ??ابند آهي. ڪشميرين سان ڪيل خودمختياري جي حق جو واعدو اڄ به اڌورو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري عوام کي ڀارتي تسلط کان آزادي ملندي. انشاءَ الله.