اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست قانون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته انهن اصو??ن تي عمل ڪيو ڪامياب ??يا?? جن ملڪن انهن اصو??ن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري و??ا، جيڪي قومون قانون جي حڪمراني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي و??نديون آهن، اميد آهي ته مسلمان ملڪ مديني جي رياست جي بنيادي اصو??ن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري و??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي پيغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو هن فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ڇاڪاڻ جو هنن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قانون ٺاهي رکيا هئا، وزيراعظم چيو ته جن قوم?? ۾ ??انون جي حڪمراني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قانون هوندو آهي ته اهي جلد ي?? دير تباهه ٿي و??نديون آهن جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصو??ن تي عمل پيرا رهنديون آهن، وزيراعظم چيو ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ رياست بزرگ شهرين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.