اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻ??ن کي پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته معاشري کي خصوصي ماڻهن طرف گڏيل تعاون تي ٻ??ل دوستاڻو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، يونيورسٽين جا استاد ۽ شاگرد خصوصي ماڻهن جي سهولت موجب عمارتن جي ڊيزائن ۽ تعمير جي لاءِ تجويزون ڏين. هو خصوصي ماڻهن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.