اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن سعودي ??رب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر چيو ته پاڪستان سعودي ??رب سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو رشتو آهي، صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ سعودي ??رب سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عارف علوي سعودي ??رب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد سفير کي تاڪيد ڪئي ته هو سعودي ??رب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.