اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي ه?? پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ??ورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي ??يس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ ??يڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو