اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ??لي امين گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو ??ي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي، ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هتي جاري بيان موجب ??لي امين گنڊا پور چيو ته ڀارت پاران ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ مع??ول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي محدود قسم ??ي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، ??لي امين گنڊاپور چيو ته ڀارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائي ??ان ڀارتي انتهاپسندي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.