اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پاران مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخ?? مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوا??ي سان گستاخانا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبو?? آهي. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گ??تاخانا خاڪن جي حوا??ي سان هر ميسر فورم کي استعمال ڪندي مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ڀرپور انداز سان ڪئي ويندي. ان حوا??ي سان او آءِ سي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.