اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي ناميارن روانگي واپارين جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سيد علي ??يدي، فيصل واوڊا، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگا?? سيد ذوالفقار عباس بخاري، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آف??سرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزري، فشريز، گارمنٽس، فارماسوٽيڪل انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيراعظم ميڊيا آف??س موجب وفد روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي ??ان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن تي وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ معاشي عمل ۾ تيزي آئي آهي.