اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي وڏي مقدار ۽ مناسب قيمت تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي سڄي ملڪ ۾ هڪ ??هڙي سطح تي آڻڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان گڏيل حڪمت عملي ??ختيار ڪئي وڃي، شگر ملز پاران پيڙهائي جي عمل ۾ ڪا دير نه ٿيڻ گهرجي، ضرورت پوڻ تي کنڊ جي درآمد جي حوالي ??ان پڻ منصوبابندي ۽ انتظام مڪمل ڪيا وڃن. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صورتحال جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، صلا??ڪا??ن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، لا??اپ??ل وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذري??ي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي جي صورتحال ۽ قيمتن جي حوالي ??ان تفصيلي ??ائزو ورتو ويو. ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال جي حوالي ??ان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت پاران روزاني جي بنياد تي 15 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جي سپلاءِ فلور ملز کي ڪئي پئي وڃي. خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پاسڪو کان 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته وڌيڪ هڪ لک ميٽرڪ ٽن جي لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي.