اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر ف??رس کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مشڪل وقت ۾ قوم جي لاءِ وقت ڪڍندڙ نوجوان قوم جا هيرو آهن، ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ٽائيگر ف??رس کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ انتظامي سطح تي بهتر رابطي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن ٽائيگر ف??رس بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.