اسلام آباد – 24 مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسپين جي پرڏيهي وزير ارنچا گونز??لز لايا کي ٽيليفون ڪيو ۽ ڪور??نا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڪور??نا سبب اسپين ۾ ٿيل ج??ني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن وبا تي ضابطي لاءِ اسپين جي حڪومت طرفان کنيل بروقت قدمن ۽ ان چئلينج کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيڻ تي اسپين جي هيلٿ ورڪرز جي قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان کي اهو ڏسي تمام خوشي ٿي آهي ته اسپين ۾ رهندڙ هڪ لک جي لڳ ڀڳ پاڪستاني هن مشڪل گهڙي ۾ اسپين جي عوام سان گڏ بيٺل آهن.