اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن ??ان مشاورت کانپوءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت ??ان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ گوادر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏامن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحران جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بج??ٽ اسٽريٽجي پيپر جي منظوري ڏني وئي آهي، بج??ٽ خرچن جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪاري ملازمن جي پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون پاڪس??ان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، هايئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بج??ٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي زخمن تي مرهم رکنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز ??ان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي ??ان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.