اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پ??ڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پ??ڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، اهي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، حڪومت انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پ??ڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سمنڊ پار پ??ڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پ??ڪستاني اتر آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر، نار، اوڀر ايشيا سميت دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سمنڊ پار پ??ڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقع?? ۽ ??هولتون فراهم ڪيون وڃن ته ان سان انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ پاڪستان کي به ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پ??ڪستانين واري وزارت سمنڊ پار پ??ڪستانين جي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، سمنڊ پار پ??ڪستاني ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جا سفير آهن، پاڪستاني پورهيتن کي هنر سيکاريا وڃن ۽ سرٽيفڪيٽس ڏياريا وڃن ته انهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو وڌندو، وقت اچي ويو آهي ته سعودي عرب، يو اي اي، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي کپت جي موقعن مان فائدو کنيو وڃي ۽ پنهنجي قابل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن. وزيراعظم آذربائيجان جو مثال ڏنو جنهن پنهنجي نوجوانن کي بهترين تربيت ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن ??هڙ?? ماڊل اسان پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايون ته پرديس ۾ وڌيڪ پاڪستانين کي موقعا ملندا ۽ پاڪستان جي لاءِ اهي اربين ڊالر ڪمائي موڪليندا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳتي ايندڙ حڪومتون ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻنديون. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پ??ڪستانين واري وزارت 16 مهينن دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم سمنڊ پار پ??ڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان پڻ ڪيو. انهن پئڪيجز ۾ سمنڊ پار پ??ڪستانين جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ، اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن قائم ڪرن، ملڪ جي اعليٰ انتظاميا جي آفيسن ۾ سمنڊ پار پ??ڪستانين جي لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪرڻ، سرڪاري رهائشي منصوبن ۾ انهن جي 10 سيڪڙو ڪوٽا، سمنڊ پار پ??ڪستانين جي ٻارن جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ وظيفا ?? ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته نادرا ۾ سمنڊ پار پ??ڪستانين جي سهولت لاءِ خصوصي قدم کنيا ويندا ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ خصوصي ڪائونٽرز جو انگ وڌايو ويندو، يونين ڪائونسلز مان انهن کي سرٽيفڪيٽس جي فوري جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، پرڏيهي وزارت دستاويزن جي آن لائين تصديق جي لاءِ پڻ خصوصي قدم کڻندي، آن لائين بائيو ميٽرڪ جو نظام جوڙيو ويندو، جن جو پاسپورٽ بليڪ لسٽ ٿي ويو، مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ خودڪار نظام تحت بليڪ لسٽ مان نڪري ويندو، سمنڊ پار پ??ڪستانين جي لاءِ سمورن انٽرنيشنل ايئرپورٽس تي خصوصي ڪائونٽرز قائم ڪيا ويندا، سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو موڪليندڙ سمنڊ پار پ??ڪستانين کي ايوارڊ ڏنا ويندا، انهن جي ٻارن جي لاءِ ميڊيڪل ڪاليجز ۽ اعليٰ تعليم جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص هوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پورهيت ٻاهرئين ملڪ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪن ٿ?? ۽ ??نهن جي دل ۾ پاڪستان جو تمام گهڻو درد هوندو آهي، اهي هر وقت پاڪستان جي لاءِ سوچين ٿا، اهي پنهنجي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.