اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ سٺا ڊاڪٽر پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ميڊيڪل جي تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهو جو بهتر عل??ج ممڪن ٿي سگهي، اها ڳالهه هن نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي وائيس چانسلر ليفٽيننٽ جن??ل سيد محمد عمران مجيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر ليفٽيننٽ جن??ل سيد محمد عمران مجيد کي نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.