بيروت _ 29 ??ولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي چيو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ امڪاني طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي ق??ضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئي آهي ته اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حزب الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪي??. ب??روت ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر تي سختي سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪ??ور??ي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.