نجڪاري عمل مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي: وزيراعظم

image
APP65-04 ISLAMABAD: March 04 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding privatization at PM Office. APP

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته نجڪاري جو عمل مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، منافعو نه ڏيندڙ ادارن ۽ غير استعمال شده مڪليتن جي نجڪاري قومي مفاد ۾ آهي ان سان قومي اداري تي پوندڙ بار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ سماجي شعبو ۽ ٻين عوامي فلاحي ترقياتي منصوبن لاءِ مالي وسيلا ميسر ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف سرڪاري ادارن ۽ ملڪيتن جي نجڪاري جي عمل ۾ اڳڀرائي ٿيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : بہت کچھ