??سل??م آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سياسي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن سميت مختلف سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف طرفان جاتي امرا ۾ سياسي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جمعيت علماءُ ??سل??م ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميم تي اجلاس حوصلي وارو رهيو، ڪ??هه نقطن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي ۽ ڪ??هه نقطن جي ويجهو پهچي ويا آهيون، هن چيو ته بلاول هائوس ۾ آئيني ترميم بابت بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، تجويز ڪيل آئيني ترميم تي اڄوڪو اجلاس حوصلا افزا رهيو آهي. آئين ۾ اهڙيون ترميمون آنديون وينديون جيڪي ادارن ۾ سڌارن جو سبب بڻجنديون. آئين جي بالادستي کي مضبوط بڻايو ويندو. ??سل??م آباد پهچي تحريڪ انصاف جي قيادت سان ڳالهيون ڪندس. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صلاح مشوري کانپوءِ اتفاق راءِ طرف وڌي رهي آهي، مناسب وقت تي آئيني ترميم کي ٻنهي ا??وا??ن مان منظور ڪرايو ويندو.ڪالهه جيڪو اتفاق راءِ ٻن پارٽين ۾ هو اڄ ٽن پارٽين وچ ۾ ٿيو آهي.