وزيراعظم شهباز شريف پاران بوبر، غذر جو دورو، متاثر ماڻهن سان ملاقات

image
APP47-020922 GAHKUCH: September 02 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif is being briefed on flood relief activities of District Ghizer. APP

غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي بوبر، غذر جو دورو ڪيو ۽ برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي غذر ۾ برساتن ۽ بوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هتي 17 ماڻهو فوت ٿيا، 249 گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 794 چومايو مال مري ويو آهي ان سان گڏ وسيع زرعي زمين ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.

مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری