وفاقي وزير شبلي فراز جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ

image
APP32-120121 ISLAMABAD: January 12 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz briefs the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري کي وڌيڪ بااختيار، خودمختيار ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ قانوني ترميمون ڪرڻ ۽ سنڌ صوبي ۾ ضمني چونڊن جي تڪن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پاڪستان رينجرز مقرر ڪرڻ سميت 15 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اسلام آباد ۾ مارجي ويل نوجوان اسامه ستي جي والدين کي قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جي فراهمي جي خاطري ڪرائي، ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن گمشدگين جي خاتمي لاءِ قانون بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هر اڱاري تي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو پيو اچي، اڄ 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي فنڪشنز بابت بل آڻي رهيا آهيون جنهن جو مقصد ان جي اختيارن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ، شفافيت آڻڻ ۽ دائري کي وڌائڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا