اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه م??مود قريشي فرانس جي پرڏيهي وزير جان ايولو دريان کي ٽيليفون ڪيو ??هي?? هن پنهنجي فرانسيسي هم منصب سان ڪورونا وائرس جي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ ۽ ان عا??مي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي حوالي سان خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير هن سان ڪورونا وائرس سبب فرانس ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.