اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄائي آمريڪي پروفيسر مدثر وائين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ڪوالٽي ا??شورنس ۽ پلانگ ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پروفيسر مدثر وائين جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪوالٽي ا??شورنس جو ماهر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ا??ڇ ڊي ??ري رهيو آهي آمريڪي بورڊ آف انجينرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان مڃيل ڪوالٽي ا??شورنس جي اصولن تي روشني وڌي. وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي ملڪ ۾ ترقي واري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت اهڙن ماهرن جي علم ۽ تجربي مان فائدو حاصل ??ري رهيا آهيون. هن چيو ته 2023ع ۾ ايڇ اي سي ۽ برٽش ڪونسل جي سهڪار سان پاڪستاني يونيورسٽين کي تيار ڪيو ويو آهي، ڪوالٽي ا??شورنس فريم ورڪ نه صرف تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي آهي پر اهو پاڪستاني تعليمي نظام جي ضرورتن کي پڻ پورو ??ري ٿو. احسن اقبال فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن اعلي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.