اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 13هون دور ڪالهه سو??ر ڏينهن اوسلو ۾ ٿيو، ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خ??ن پاڪستان جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل ??گن?? بروڊسيٽ پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ قابل تج??يد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماهيگيري ۽ سامونڊي شعبي، آبهوا، تعليم، صحت ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۾ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ڌرين پاڪستان ناروي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي لاءِ رفتار وڌائڻ ?? گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب پاڪستان ناروي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور ايندڙ سال اسلام آباد م گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي ٿيندو.