اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وز??ر معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تفهيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وز??ر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، قدرن، ??هذيب ۽ ت??ري??ي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مثالي ڀائراڻه نا??ا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وز??ر چيو ته وڌندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن نا??ن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط نا??ن ۽ گڏيل ف??ئديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.