اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و آهي ته تحريڪ انتشار پنهنجي ناڪامي ۽ خفت مٽائڻ جي لاءِ گولي هلائڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي ره?? آهي، اهي سيڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪوڙ تي رياست کي بدنام ڪن ٿا، هي پنهنجي ويڙهه ۾ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ مان جهليو بيٺا آهن، پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ هي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، اهي لاش ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ، واٽس ايپ تي ئي ملندا، مهانگائي 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئ?? آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک جي حد عبور ڪري چڪ?? آهي، مهانگائي 4.8 سيڪڙو تي اچڻ حڪومت ۽ وزيراعظم جي محنت جو نتيجو آهي. اهم سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئ?? آهي جيڪا ان ڳالهه جو دليل آهي ته اسان جي معيشت ترقي ڪري ره?? آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، ڪنزيومر پرائس انڊيڪس هر مهيني هيٺ وڃي ره?? آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري چڪ?? آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو ۽ (ڪيبور) 13 سيڪڙو تي اچي و??و آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي ره??و آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڏينهن رات محنت ۽ ڪوششن جي ڪري مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿ?? آهي، اسان ڊيفالٽ جي ويجهو کان هن مقام تي پهتا آهيون، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پڻ چيو هو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪڏهن ان معاملي کي سن??يده نه وٺي ها ته ملڪ جو ڊيفالٽ کان بچڻ ممڪن نه هو. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي آءِ ايم ايف کي خط لکيو ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر الحمدالله! اڄ مهانگائي 4.8 سيڪڙو، وياج جي شرح 15 سيڪڙو، مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر ٿي ويا آهن، ترقي جو سلسلو جار?? آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جو هڪ لک پوائنٽس جي سطح عبور ڪرڻ ۽ سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته معيشت جي ترقي ٿ?? آهي، انشاءَ الله معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انتشار گولي هلائڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي ره?? آهي، تحريڪ انتشار وارا ڪو هڪ ثبوت پيش ڪن جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪو اهلڪار فائرنگ ڪندي ڏسڻ ۾ اچي. انهن وٽ ڪو هڪ وڊيو ثبوت موجود نه آهي، اهڙو ڪو واقعو پيش ئي ناهي آيو جنهن بابت هي ڪو ثبوت پيش ڪري سگهن. هن چيو ته هڪ شخص جي ڀڄي وڃڻ جي وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ هو چئي ره??و آهي ته گوليون هلي رهيون آهن ۽ گڏوگڏ اهو چئي ره??و آهي ته مون کي گولي لڳي وئي، اهڙي طرح جي سن??ني ڦهلائي وڃي ته وڊيو وائرل ته ٿيندي، اهو ئي شخص هڪ ٻي وڊيو ۾ چوي ٿو ته منهنجي هٿ تي زخم آ??و آهي، هو پنهنجي هٿ تان پٽي لاهي ٿو ته ڪو زخمي نظر نٿو اچي، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪوڙ تي رياست کي بدنام ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ لاشن تي ڪوڙ ڦهلائي ره?? آهي، ڪوڙو بيانيو هلايو پيو وڃي، ڪير چئي ره??و آهي ته هتي چار هزار لاش آهن، ڪير چار سئو ۽ ڪير 60 لاشن جي ڳالهه ڪري ره??و آهي، لطيف کوسا چيو ته سن??س گهر تي ڪيترائي لاش موجود آهن، تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته سڀ غلط آهي 12 لاش آهن، اهو ڪهڙي طرح جو قوم سان مذاق ڪيو پيو وڃي. لاش هڪ به نه آهي، هجي ها ته سامهون اچي وڃي ها، اهي لاش ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ، ايڪس، واٽس ايپ تي ملن ٿا. هن چيو ته قوم سان خراب مذاق ڪيو پيو وڃي، قوم جي بدقسمت?? آهي جو اهڙا ماڻهو سياسي پارٽيون ٺاهي ڇڏين ٿا جن ۾ ڪابه سمجهه نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوليس ۽ رينجرز جا چار جوان شهيد ٿيا، انهن جي خاندانن سان ڪنهن همدرديءَ جو اظهار ناهي ڪيو. هن چيو ته اهي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوانن کي نشانو بڻائين ٿا، ان کانپوءِ روڄ راڙو ڪن ٿا ته اسان جا لاش ڪِريا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ٺڳن جي پارٽ?? آهي. هڪ شخص ٽڪ ٽاڪ ٺا??ڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي چڙهي نماز پڙهي ره??و آهي، بعد ۾ چيو ويو ته ان کي هيٺ ڪيرايو ويو، ان شخص جي مارجڻ جي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي وئي، ان شخص جي به وڊيو سامهون اچي وئ?? آهي، اهو منڊي بهاءُ الدين جو رهواس?? آهي ۽ صحيح سلامت آهي. هن چيو ته هڪ ٻيو شخص وڊيو پيغام ۾ چئي ره??و آهي ته ان جي پٽ کي شهيد ڪرڻ جو غلط اطلاع ڦهلايو ويو، ان ترديد ڪئي ۽ چيو ته اها ڪُوڙي خبر آهي ۽ منهنجو پٽ گهر ويٺو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ان بيانيي ۾ ڪا حقيقت نه آهي. وفاقي وزير چيو ته ڇا دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪلاشنڪوفن، گليلن، بلورن، پٿرن، گرينيڊن، اسٽن گنز، ٽيئر گئس سان ليس مظاهرين کي احتجاج جي اجازت ڏني وڃي ٿي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو پرامن احتجاج نه هو، اهو هٿيارن سان ليس جٿو هو جنهن هتي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو، انهن جي سياسي ڪمزوري هئي ته انهن سان گڏ ماڻهو نه هئا، اهي بري طرح ناڪام ٿيا ۽ هاڻي پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ لاشن جي پٺيان لڪي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي پنهنجي ويڙهه ۾ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهيو بيٺا آهن، انهن جا 6، 7 گروپ ٺهي چڪا آهن. هن چيو ته بئريسٽر سيف منهنجي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ ڳالهه ڪئي ان کي به اهو ئي چوندس ته چپ ئي رهي، ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جنهن کي توهان ۽ آئون ڄاڻان ٿو، جيڪڏهن اهي ڳالهيون منظرعام تي اچي ويون ته شايد توهان خيبرپختونخواهه حڪومت جا ترجمان نه رهندا.