اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ واپار ۾ واڌ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي مشينري ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ بيلا روس جي توانائي واري وز??ر سان بزنس فورم جي گڏيل صدارت دوران ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ واپار واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان بيلا روس بزنس فورم دوران 8 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وفاقي وز??ر چيو ته پاڪست??ن ۾ بيلا روس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطي جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي ??ڏي طلب آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 27-2025ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون جا عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلا روس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪستان بيلا روس سان ٽيڪنالاجي جي ??نتقلي ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪست??ن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ توانائي، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن سميت ٻيا شعبا کليل آهن. هن چيوته پاڪستان ۽ بيلا روس جي ??ه طرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شين ۽ ڪاغذي شين جي روانگي واپار وڌائي سگهجي ??و. واپار واري وز??ر چيو ته بيلا روس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مارڪيٽ آهي.