اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ج?? وچ ۾ صوبي ۾ امن امان ج?? صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن ج?? مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوال?? سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان ج?? خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان ج?? بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوال?? سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوال?? سان قدم کڻي رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان ج?? بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن ج?? ڀلائي وفاق جي او??ين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن ج?? حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن ج?? فراهمي تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. خيبرپختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان ج?? ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبدي??ين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ج?? فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.