دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ق??ر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري دوحه کان وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب دوحه جي عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ثالثي مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي، پاڪستاني سفير ۽ سفارتي عملي جي ٻين عملدارن وزيراعظم کي رخصت ڪيو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان کانسواءِ هن قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني آرٽ ۽ ڪلچر جي ??رو?? جي حوالي سان نمائش ”منظر“ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات به ڪئي.