اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مادر جمهوريت بيگ?? نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگ?? نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر جمهوريت بيگ?? نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آمر جي خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي جي لاءِ ڊ??هي جدوجهد ڪئي. صدر بيگ?? نصرت ڀٽو جي جمهوريت جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگ?? نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جمهوريت جي لاءِ سندس قربانين ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته بيگ?? نصرت ڀٽو آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، هوءَ مادر جمهوريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگ?? نصرت ڀٽو سياسي بصيرت رکندڙ ۽ مدبر اڳواڻ هئي، هن عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن جي شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگ?? نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي سندس مشن کي جار?? رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.