اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردا?? اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پا??ٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني ??تحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪ?? اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پا??ليامنٽ ۾ نمائندگي جي ??نا??ب سان پا??لياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پا??ٽي مان خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ مان به اهڙي طر?? خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.