اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وز??را??ظم اوالزاس بيڪ تينوف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مواصلات ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن مهمان وز??را??ظم جي شاندار ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪ??ي.
ان موقعي تي روايتي لباس پهرين ٻارن کيس گدستو پيش ڪيو. قزاخستان جي وز??را??ظم جي اچڻ جي موقعي تي نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ مهمان وز??را??ظم جي وچ ۾ خيرسگالي جي جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفارتخاني جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. قزاخستان جي وز??را??ظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوس??ي جي فروغ ۽ علائقائي تعاون ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جي اميد وڌي وئي آهي.