رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ اٺين في??چر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي و??ٽنام جي وزيراعظم فام من چن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان و??تنام ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي و?? ڪئي. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري و??دن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوالي سان و??ٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ويٽنام جي وزيراعظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ دفاع وارو وف??قي وزير خواجه ??حم?? آصف، ناڻي وارو وف??قي وزير ??حم?? اورنگزيب، نجڪاري وارو وف??قي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وف??قي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وف??قي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.