اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ مي??ي ٽائيم ??يڪ??ر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب حڪومت پاڪستان طرفان سامونڊي معاملن وارو وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ پائيدار انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف ڊينمارڪ جي صنعت، ڪاروبار ۽ مالياتي معاملن واري وز??ر طرفان صحيح ٿيل ايم او يو پيش ڪيو. ان مفاهمتي يادداشت کانپوءِ مارسڪ (ڊينمارڪ جي شپنگ ڪمپني) پاڪستان جي مي??ي ٽائيم ??يڪ??ر ۾ اٽڪل 2 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ پاڪستان جي مي??ي ٽائيم ??يڪ??ر لاءِ ايتري وڏي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. مفاهمتي يادداشتن جي ان تقريب ۾ ناڻي وارو وز??ر محمد اورنگزيب، واپار وارو وز??ر ڄام ڪمال خان، رٿابندي وارو وز??ر احسن اقبال، صنعت ۽ واپار وارو وز??ر راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وز??ر اويس لغاري، ڊائريڪٽر جنرل ايس آءِ ايف سي مي??ر جنرل اسد الرحمان به موجود هئا. ان موقعي تي وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ چيو ته اسان مي??ي ٽائيم ??يڪ??ر ۾ ان شاندار اڳڀرائي تي ڊينمارڪ جي حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ان يادداشت جي نتيجي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت سمورن بندرگاهن ۾ لاجسٽڪ جي نظام کي جامع ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گَهري پاڻي جو ڪنٽينر ٽرمينل قائم ڪري سگهجي ٿو. عالمي بحري تنظيم ۽ يورپي يونين جي معيار موجب ??ڏا??ي ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جون سهولتون بهتر بڻائي سگهجن ٿيوون. پاڪستان مي??ي اڪيڊمي جي نصاب ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻڻ سان گڏوگڏ بندرگاهن کي مسلسل فني ۽ تربيتي مدد فراهم ڪندي. وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ پاڪستان جي شپنگ انڊسٽري ۾ مارسڪ ڪمپني جي اهميت تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪنٽينرائزڊ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مارسڪ وٽ سڀ کان وڌيڪ (20 سيڪڙو) مارڪيٽ شيئرز آهن. ان کانسواءِ ان ڪمپني جو عالمي مارڪيٽ ۾ سرمايو اٽڪل 175 بلين ڊينش ڪرون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ڊينمارڪ جي حڪومت ان مفاهمتي يادداشت لاءِ گذريل 6 مهينن کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف به ان اڳڀرائي تي پاڪستان حڪومت ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر جو ٿورو مڃيو. ٻنهي ڌرين سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.