نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائي??ار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار جي حل ۽ فلسطينين جي خلاف اس??ائ??ل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فوري جنگبندي جو پڻ مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌ??ائ?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائي??ار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سيڪريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائي??ار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اس??ائ??ل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏنو ته هو اس??ائ??ل جو احتساب ڪري. وزيراعظم خودمختيار رياست فلسطين جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن سال 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ فعال ڪر??ار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل ق??من ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏوگڏ گڏيل ق??من جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي ڪر??ار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.