نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي جي ڪري 8 خوارج ماريا ويا، انشاءَ الله پوري ملڪ مان خوارج جو تمام جلد خ??تمو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي جي ڪري 8 خوارج ماريا ويا آهن ?? انشاءَ الله پوري ملڪ مان خوارجن جو تمام جلد خ??تمو ٿيندو. هن چيو ته دهشتگردن کان سم??رن شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.