ڪوئٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته بلوچ??تا?? جي نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي، جيڪڏهن انهن کي موقعو ملي ته هو پاڪ??تا?? جي عالمي سطح تي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. شاهه زيب رند ورلڊ چيمپئي?? ٽائيٽل کٽي نه رڳو بلوچ??تا?? پر پاڪ??تا?? جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن بيوٽمز يونيورسٽي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ تي شاهه زيب رند کي مبارڪون ڏيندي چيو ته راند اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ محنت جي عيوض ڪاميابي مقدر بڻجندي آهي، هن چيو ته جڏهن پهرين به مان بلوچ??تا?? جو دورو ڪيو هو ۽ نوجوانن سان مليو هئس ته انهن نوجوانن مون کي متاثر ڪيو هو. هن چيو ته بلوچ??تا?? جي اڻوڻندڙ حالتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ نوجوانن جو ڪمال آهي، نيشنل والنٽيئر ڪار جو لوگو ٺاهيندڙ ٻارڙي جو تعلق ڪوئٽا جي سرياب روڊ سان آهي جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي. هن چيو ته هن وقت وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ملڪ کان ٻاهر آهي، جهڙي ريت ارشد نديم کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويو هو، اهڙي ريت شاهه زيب رند به قوم جو هيرو آهي، ان کي به وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويندو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بلوچ??تا?? ۾ وڌيڪ 3 دانش اسڪول کولي رهيا آهيون. ان موقعي تي تقريب کي وش?? ڪراٽي ڪمبيٽ ۾ ورلڊ ٽائيٽل کٽندڙ شاهه زيب رند خطاب ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? لاءِ ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شر??عات ننڍي ڪلب کان ڪئي هئي، ماڻهو منهنجي خواب ۽ ٽارگيٽ تي هلندا هئا، محبت هجي ۽ ويزن واضح هجي ته ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي ويندي آهي. هن نوجوانن کي چيو ته هو جنهن به فيلڊ ۾ آهن، ان ۾ مستقل مزاجي سان ڪم جاري رکن. هن وزيراعليٰ بلوچ??تا?? ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن طرفان استقبال تي سندن شڪريو به ادا ڪيو.