لنڊن – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب مشڪلاتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي معيشت جي تازي استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ سڄي قوم سعودي عرب جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم سعودي عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبار??با?? ڏيندي چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب 21هين صديءَ جي عظيم ملڪ جي ح??ثيت سان اڀريو آهي، سعودي عرب جو ويزن 2030ع س??ي دنيا جي لاءِ مثالي نمونو آهي. اڄ جي دور ۾ سعودي عرب ڪاروبار، ٽيڪنالاجي، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ اسرندڙ ملڪن جي مثالي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب مشڪلاتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستاني معيشت جي تازي استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ سڄي قوم سعودي عرب جي ٿورائتي آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا سدائين قائم رهندا.