اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو، مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان تمام گهڻن سوالن جنم ورتو. ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر ٻيهر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق حاصل نه آهي، آئين ۾ قانونسازي ۽ ترميمن جو اختيار رڳو پارل??ام??نٽ وٽ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط جي حوالي سان حڪومت جو موقف عوام تائين پهچڻ گهرجي. هن چي?? ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سدائين اسپيڪر جي ڪرسيءَ سان انصاف ڪيو ۽ ايوان ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين سان سٺو رويو رکيو، سندس سدائين ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر جي حق تلفي نه ٿئي. هن چي?? ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي حوالي سان جڏهن قرارداد قومي اسيمبلي ۾ آندي وئي ته ان تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ نه رڳو انهن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا پر ميمبرن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. هن چي?? ته اسپيڪر جو ڪردار سدائين پارل??ام??نٽ جي بالادستي ۽ پنهنجي ميمبرن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تمام سٺو رهيو آهي ۽ سياسي پارٽين سدائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي فيصلن جي تائيد ڪئي آهي. هن چي?? ته اڄ پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي لاءِ اسپيڪر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي جيڪو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چي?? ته آئين ۾ پارل??ام??نٽ کي قانونسازي جو اختيار ڏنو ويو آهي، اهو اختيار ڪنهن ٻئي اداري وٽ نه آهي، پارل??ام??نٽ بالادست ادارو آهي. هن چي?? ته عوام پنهنجي نمائندن کي چونڊي ايوان ۾ موڪلي ٿي ۽ انهن کي حق ڏي ٿي ته اهي پارل??ام??نٽ ۾ قانونسازي ۽ آئين ۾ ترميمون ڪري سگهن. هن چي?? ته جڏهن آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو وارو آي?? ته چيو وي?? ته ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو پر ڳڻيو نه ويندو، ان جي ذريعي حمزه شهباز شريف جي پنجاب ۾ حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ماڻهن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ ضمني چونڊون ڪرايون ويون. هن چي?? ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ بلڪل صحيح چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جنهن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ۾ اڳ کان اهو رول موجود ه?? ته آزاد اميدوار 48 ڪلاڪن جي اندر ڪنهن نه ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر ٻيهر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿو؟ هن چي?? ته غلطي تحريڪ انصاف کان ٿي هئي، تحريڪ انصاف جي مبينا ميمبرن کي گهرجي ها ته اهي ڪنهن اهڙي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن جنهن جو وجود پارل??ام??نٽ ۾ موجود هجي پر انهن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو ايوان ۾ وجود ئي نه هو ۽ پوءِ هڪ فيصلي جي ذريعي انهن کي اهو حق ڏنو وي?? ته توهان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي وڃو. هن چي?? ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته آزاد اميدوار مخصوص مدي جي اندر ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن اهي ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل نه ٿا ٿين ته اهي آزاد ئي تصور ڪيا ويندا. هن چي?? ته جن ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل جوائن ڪئي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انهن کي تحريڪ انصاف ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇا اها فلور ڪراسنگ نه آهي؟ وفاقي وزير چي?? ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح پنهنجي منشاءَ موجب ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ پارل??ام??نٽ جي بالادستي تائين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي ۽ جڏهن مخصوص سيٽن جو فيصلو اچي ٿ?? ته ان ۾ آزاد اميدوارن کي چيو وڃي ٿ?? ته توهان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيو. عطاءُ الله تارڙ چي?? ته جيڪي ماڻهو سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا انهن جا بيان حلفي رد ڪري انهن کي چيو وي?? ته توهان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيو ۽ تحريڪ انصاف جوائن ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهيو. وفاقي وزير چي?? ته سردار اياز صادق پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪنهن اداري کي اهو حق حاصل نه آهي ته اهو آئين جي من پسند تشريح ڪري ۽ پارل??ام??نٽ جي بالادستي کي ڪمزور ڪري. هن چي?? ته عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن کي پارل??ام??نٽ ۾ ان لاءِ موڪلي?? ته اهي قانونسازي ڪري سگهن، انهن کي ان حق کان ڪير به محروم نه ٿو ڪري سگهي. هن چي?? ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط بهتر قدم آهي، انشاءَ الله اسان پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.