ڪوئٽا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچس??ان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي، ته دهشتگرد آسان هدف کي نشانو بڻائيندا آهن، اسان معصوم ماڻهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. بلوچس??ان ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، بلوچس??ان جي حڪومت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپس تي هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين ڏانهن موڪلي رهي آهي جڏهن ته بشير زيب انهن کي آپگهاتي بمبار بڻائي رهيو آهي. بلوچس??ان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته انهن جي حق ۾ ڪير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن صوبائي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ شه??ين لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. وزيراعليٰ بلوچس??ان مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ جهڙي ريت اضافو نظر آيو آهي، ان تي بلوچس??ان اسيمبلي جي ميمبرن متحد ٿي دهشتگردي جي مذمت ڪئي، اڄ صوبائي ڪابينه پڻ بلوچس??ان جي ماڻهن جي آواز کي ڏسندي نه صرف انهن واقعن جي مذمت ڪري ٿي.هن چيو ته آڱ??ين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد آسان هدف ڳولهين ٿا ۽ معصوم شه??ين کي شهيد ڪن ٿا. هن چيو ته نالي ماتر جنگ جو نان ڪائنيٽڪ ريسپانس اسان سڀني دوستن تي لاڳو ٿئي ٿو. ضروري آهي ته گورننس جي ماڊل کي بهتر بڻايو وڃي، اسان کي هڪ پاسي ٿيڻو آهي، جنهن سان عام بلوچن کي فائدو ملي. هن چيو ته اڳ به صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽ??ين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته اهي حڪومت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هر وزير يا سيڪريٽري هر ضلع جو دورو ڪري ۽ صورتحال جو جائزو وٺي.