لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) اڳوڻي خاتون اول ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي گهرواري بيگم ??لث??م نواز جي ڇهين ورسي جي موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي سنيئر اڳواڻ ۽ سڌ ??ما??َ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ پنهنجي آفيس ۾ هڪ دعائيه تقريب منعقد ڪئي. دعائيه تقريب ۾ تڪ ??ين اي 127 جي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ قرآن خواني ۽ نعت خواني ڪئي وئي. جڏهن ته تقريب جي پڄاڻي تي مرحومه لاءِ دعا به ڪئي وئي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ساجده فاروق تارڙ چيو ته بيگم ??لث??م نواز جون سياسي ۽ ??ما??ي خدمتون ڪنهن کان به لڪيل ناهن، هن آمريت جي دور ۾ جهڙي طرح پارٽي کي سنڀاليو هو ان کي سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته مادر جمهوريت جي جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ دعائيه تقريب جو انتظام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڄي تڪ جي عورتن شرڪت ڪئي آهي. تقريب ۾ ??ين اي 127 ويمن ونگ جي ڪوآرڊينيٽر رابعه افضل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.