اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ترڪمانستان ??طر??ي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو، پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار قيادت ڪئي. ترڪمانستان پاران وفد جي قيادت ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مو??ب ڌرين پاڪستان ترڪمانستان جي ??طر??ن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ??طر??ي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين چيو ته ??طر??ي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪنداسين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سميت ??طر??ي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ۽ تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي حقيقي صلاحيت مو??ب ??طر??ي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان مو??ب ڌرين ??طر??ي پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظ??فن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ترتيبات ۾ ??طر??ي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.