اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد ش??باز شريف غزه ۾ خان يونس جي علائقي تي اسرائيلي فورسز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چي?? آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد ش??باز شريف چي?? ته خان يونس جي پناهگيرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن جي اندر اندر اهڙو جارحاڻو حملو انسانيت جي توهين آهي، معصوم فلسطيني پناهگيرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چي?? ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.