اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي ڊڪليئر ڪرڻ جي درخواست نه ڏني، ان پا??ٽي ۾ شموليت به اختيار نه ڪئي جنهن جو پا??ليامينٽ ۾ وجود هجي، انٽرا پا??ٽي اليڪشن ٺيڪ نه ڪرايون، پا??ٽي ٽڪيٽ ۽ ڊيڪلريشن به جمع نه ڪرائي ۽ الزام اليڪشن ڪميشن تي هڻي رهيا آهن، انهن لاءِ رڳو اهي معصوم آهن ۽ باقي سڀ قصوار آهن. پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن تي الزامن تي ردعمل جو اظهار ڪندي سماجي رابطي جي پليٽ ??ارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انٽرا پا??ٽي چونڊُون توهان ٺيڪ نه ڪرايون، پا??ٽي ٽڪيٽ ۽ ڊيڪلريشن توهان جمع نه ڪرائي، اها سياسي پا??ٽي جنهن جو پا??ليامينٽ ۾ وجود هجي، اها توهان جوائن نه ڪئي، ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي طور تي ڊڪليئر ڪرڻ جي درخواست توهان نه ڏني ۽ قصوروار اليڪشن ڪميشن کي چئي رهيا آهيو، رڳو توهان معصوم ۽ باقي سڀ قصوروار آهن.