اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪ??ناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻ??هي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪ??ناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وفاقي وزير کي اطلاعات واري وزارت سان گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪ??ناڊا جي وچ ۾ پائيدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻ??هي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو.